اُسڙي ڇانئڙي

اُسڙي ڇانئڙي (راند ):هيءَ ٻاراڻي راند آهي، جيڪا اونهاري جي سهاين راتين ۾ رچائي ويندي آهي. هن راند ۾ چانڊوڪيءَ کي اُس ۽ اونداهيءَ کي ڇانو سمجهيو ويندو آهي. هن راند ڪرڻ مهل ٻار ٻه ٽوليون ٺاهيندا آهن. هڪ ٽولي ڇانوَ ۾ ۽ ٻي ٽولي اُس ۾ بيهندي آهي. جڏهن ٻئي ٽوليون باقاعدي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ بيهي وينديون آهن، تڏهن اُس ۾ بيٺل ٽولي ڪوڪ ڪندي آهي، جنهن جو مطلب هوندو آهي ته هاڻي ڇانوَ واري ٽوليءَ کي اجازت آهي ته هوءَ ڀلي اُس ۾ بيٺل ٽوليءَ جي ٻار کي جهلي. اُس ۾ بيٺل ٽولي جي رانديگرن مان هر هڪ جي ڪوشش هوندي آهي ته هو ڪنهن به نموني سان پاڻ بچائي ڇانوَ واري ايراضيءَ ۾ پهچي وڃي، جتي کيس ڪير به پڪڙي نٿو سگهي. چانڊوڪيءَ يا اُس ۾ بيٺل ٻارن جون بچڻ جون ڪوششون ۽ ڇانوَ واريءَ ٽوليءَ جي رانديگرن پاران کين جهلڻ لاءِ ڪيل اٽڪلون ۽ محنتون راند ۾ ڏاڍو چس پيدا ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪو رانديگر چانڊوڪيءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ پڪڙجي پيو ته اهو ويهي رهندو. جڏهن اُس واري ٽوليءَ جا رانديگر جهلجي ويندا ۽ باقي هڪ ڄڻو وڃي بچندو، تڏهن اهو به از خود جهليل سمجهيو ويندو. ان کانپوءِ ڇانوَ ۾ بيٺل ٽوليءَ کي وارو ملندو ته اُس ۾ بيهن ۽ راند ساڳئي نموني سان شروع ڪن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو